استاد سينڌو خان

استاد سينڌو خان

استاد سينڌو خان

استاد سينڌو خان: استاد هدو خان جو پٽ استاد سينڌو خان به پنهنجي پيءُ وانگر سنگيت جي دنيا جو مقبول گائڪ هو. هو 1897ع ۾ پيدا ٿيو ۽ 1948ع ۾ وفات ڪيائين. سينڌو خان پنهنجي والد سميت سيٺ وشنداس مانجهوءَ واري وٽ رهندو هو. سيٺ وشنداس جي صحبت سبب هو به شاعري ڪرڻ لڳو ۽ چڱو شعر جوڙي سگهندو هو. صاحب بياض هئڻ سان گڏ بهترين خطاط هو. موسيقيءَ جي سکيا پنهنجي پيءُ استاد هدو خان کان حاصل ڪري سنگيت جي دنيا ۾ ڪافي مشهوري حاصل ڪيائين. سندس گائڪي دهلي انداز جي هئي. جنهن تي گوالياري وڌيڪ پر تلونڊي اثر به هو. سينڌو خان خيال جي گائڪيءَ ۾ به اوچي مقام جو گويو هو. ستار سندس دل پسند ساز هو، جنهن تي کيس مڪمل ڪمال حاصل هو.


لفظ استاد سينڌو خانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1897.00.00  عيسوي

استاد سينڌو خان: استاد هدو خان جو پٽ استاد سينڌو خان به پنهنجي پيءُ وانگر سنگيت جي دنيا جو مقبول گائڪ هو. هو 1897ع ۾ پيدا ٿيو ۽ 1948ع ۾ وفات ڪيائين.


1948.00.00  عيسوي

استاد سينڌو خان: استاد هدو خان جو پٽ استاد سينڌو خان به پنهنجي پيءُ وانگر سنگيت جي دنيا جو مقبول گائڪ هو. هو 1897ع ۾ پيدا ٿيو ۽ 1948ع ۾ وفات ڪيائين.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

دائود بن يزيد
راڻي سونهن ديوي
ابن خردازبه 2
سمو غلام مصطفيٰ مشتاق
امير بخش فقير
مولانا محمد علي سنڌي
ڪمار شاهاڻي
راجيو گانڌي
جيرام چئنمل روپاڻي
دلمراد جمالي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون